ڄڃ 2 (گيت)

ڄڃ 2 (گيت): هيءُ لوڪ گيت گهوٽ پرڻائڻ وقت، گهوٽ کي سرگس ڪرائيندي ڳايو ويندو آهي. خاص ڪري گهوٽ گهوڙي تي ويٺل هوندو آهي ۽ ڄاڃي ان جي پويان هلندا آهن ۽ سڄي شهر جي سرگس ڪرائڻ وقت ڪي ڄاڃي هيءُ لوڪ گيت تاڙين جي لئي تي جهونگاريندا ويندا آهن:
ڄڃ آئي ڙي بنا،
ڄڃ آئي ڙي بنا.
ڪوٽ برابر ڄڃ آئي،
ڄڃ آئي ڙي بنا،
تنهنجي سيج برابر آئي،
ڄڃ آئي ڙي بنا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو